تڪليف مان گذري آهيان، راتيون رني آهيان: ڪرينا ڪپور خان جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور خان اعتراف ڪيو آهي ته هوءَ به ذهني دٻاءُ جو شڪار رهي چڪي آهي، ڪيريئر جي شروعات ۾ فلمون فلاپ ٿيڻ سان کيس صدمو ٿيو جنهن سبب هوءَ راتين جو راتوين روئيندي هئي.

ڪرينا ڪپور هڪ نجي ٽي وي شو تي پنهنجي ذهني صحت بابت ڳاله ٻوله ڪندي چيو ته ماڻهو ڊپريشن بابت کلي ڪري ناهن ڳالهائيندا ڇاڪاڻ ته ان کي عيب سمجهيو ويندو آهي پر هر ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿيندو آهي.

هن اعتراف ڪيو ته پيشورانا زندگي ۾ کيس جذباتي طور تي ڪيترائي جهٽڪا لڳا آهن، فلمن جي ناڪامي جي خراب تجربن سبب هوءَ پنهنجي صلاحتين تي سوال ڪندي هئي ۽ خاموشيءَ سان اها تڪليف برداشت ڪندي هئي.

ڪرينا ڪپور خان ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي فلاپ فلمن سبب گهڻو پريشان رهندي هئي، هوءَ اهو سوچي سوچي روئيندي هئي ته سندس فلمون ڇو نٿيون هلن؟

سندس چوڻ هو ته اداڪار جي ذاتي زندگي ۾ ڀلي جيڪو به هلي پر ڪيمرا سامهون کيس مرڪ ڏيکارڻي آهي ڇاڪاڻ ته عوام اهو ڏسڻ چاهيندي آهي، کين اداڪار جي خراب حالتن سان ڪو به فرق ناهي پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.