9 مئي سانحي ڪيسن جو پهريون فيصلو، 51 جوابدارن کي 5-5 سال قيد جو حڪم

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 9 مئي واقعن جي ڪيسن جو پهريون فيصلو گوجرانوالا ۾ ٻڌايو ويو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي عورت جج سينٽرل جيل ۾ 9 مئي جي ڪيس ۾ ملوث 51 جوابدارن کي دهشتگردي جي ٽن قلمن تحت 5-5 سال قيد ۽ 10-10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جوابدارن ۾ گوجرانوالا مان پي ٽي آءِ جو نئون چونڊيل ايم پي اي ڪليم الله خان به شامل آهي.
جوابدارن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، ماڻهن کي گڏ ڪرڻ سميت ٻين قلمن تحت سزا ٻڌائي وئي.
ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او مدثر بٽ جي فرياد تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊرن سميت 23 نامزد ۽ 300 کان 400 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پوليس ملوث 51 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.
ان ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، مراد سعيد، علي امين گنڊاپور ۽ ٻين جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم به ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيترائي اڳواڻ عدالتن مان عبوري ضمانت تي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.