زهر ڏنو ويو، ڏکيو وقت ڀوائتو خواب سمجهي وساري چڪو آهيان: عمران نذير

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪيئي ورهين کان ڪرڪيٽ جي ميدانن کان ڏور عمران نذير هڪ ڀيرو وري واپسي ڪندي اعليٰ سطح تي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو پهه ڪري ورتو آهي.
عمران نذير ٽريننگ سيشن جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيهر ڪرڪيٽ طرف واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ فٽ رهڻ ضروري آهي، جيڪڏهن فٽنس ليول حاصل ڪري ورتي اعلي سطح تي کيڏي به سگهان ٿو.
سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ڊگهي عرصي کان ڪرڪيٽ کان پري رهيو آهيان انڪري فٽنس لاءِ ٿورو وقت لڳندو، مان سمجهان ٿو ۽ يقين آهي ته جيڪڏهن فٽنس ۽ ڪرڪيٽ اسڪلز تي ٻن مهينن تائين ڪم ڪندس سٺي ڪرڪيٽ کيڏي سگهان ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن مان ٻيهر تندرست ٿيو آهيان ۽ هڪ ڏينهن ضرور سٺي ليول تي کيڏندس.
عمران نذير چيو ته کيس زهر ( سلو پوائزننگ ) ڏنو ويو پر هو ڪنهن جو به نالو نه کڻندو، بس انهن لاءِ دعا ڪندس، ريڪوري ۾ وڏو وقت لڳو ، اِهو وقت زندگيءَ جو ڀوائتو خواب هو جنهن کي وساري چڪو آهيان.
هن چيو ته زندگي ۽ صحت ملي آهي انڪري هاڻ ٻيهر کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ويندي ويندي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو ڇو ته ڪرڪيٽ ئي منهنجو روزگار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ انسپائريشن بڻجڻ چاهيان ٿو ڪڏهن به همت نه هارڻ گهرجي، سدائين مقابلو ڪجي.
ياد رهي ته عمران خان نذير 8 ٽيسٽ، 79 ون ڊي ۽ 25 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.