بشام آپگهاتي حملو: چين پاڪستان کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين طرفان خيبرپختونخوا ۾ چيني انجينيئرن تي ٿيل آپگهاتي حملي کانپوءِ پاڪستان کان جوڳا قدم کڻڻ ۽ سيڪيورٽي وڌائڻ سميت سيڪيورٽي رسڪ کي مڪمل ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان لي جيان هفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو ته 28 مارچ تي چيني انٽر ايجنسي ورڪنگ گروپ پاڪستان موڪليو جنهن فوري طور پاڪستان ۾ سفارتخاني ۽ لاڳاپيل ڪمپني هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو.
هن ٻڌايو ته ورڪنگ گروپ جي سربراهه باءِ تيان پاڪستاني پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو وزير سان ملاقات ڪئي پاڪستان کان بشام حملي جي فوري ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو.
لي جيان چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ پاڪستان جوڳا قدم کڻندي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي رسڪ کي مڪمل ختم ڪري، پاڪستان چيني اهلڪارن، ادارن ۽ رٿائن جي مڪمل حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.