صوبي ۾ 20 سرڪاري يونيورسٽيون بنا وائيس چانسلر جي هلڻ لڳيون

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي 34 مان 20 سرڪاري يونيورسٽين ۾ مالي بحران سبب ٻن سالن کان وائيس چانسلر مقرر ناهي ٿي سگهيو.

پشاور جي تاريخي يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ اسلاميه ڪاليج ۽ ٻيون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون وائيس چانسلر جي مقرري نه ٿيڻ سبب مالي مسئلن جو شڪار آهن. مختلف ڏکيائين سبب استاد ۽ انتظاميا اڪثر پگهارن ۽ ٻين سهولتن لاءِ روڊن تي احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن.

گذريل ٻن سالن کان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين تي ڌيان گهٽ ڏنو خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي هن وقت تائين هڪ درجن کان وڌيڪ يونيورسٽين جو دورو ڪري چڪو آهي پر هو هن وقت تائين ڪنهن به يونيورسٽي جا مسئلا حل نه ڪري سگهيو آهي.

وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ ادارن 2018ع کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين کي ملندڙ گرانٽس ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.

اهڙي ريت خيبرپختونخواهه حڪومت زرعي يونيورسٽي پشاور سميت ٻين ڪيترين ئي نين يونيورسٽين کي به صوبائي گرانٽ نه ڏني آهي، جنهن سبب ڏکيائيون وڌي ويون آهن.

مالي ڏکيائين سان گڏوگڏ 20 يونيورسٽيون مستقل وائيس چانسلر کان محروم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.