يوٽيوب شارٽس وڊيوز ذريعي پئسن ڪمائڻ جو طريقو ڄاڻيو

مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ يوٽيوب ٽِڪ ٽاڪ جيان مختصر وڊيوز ذريعي پئسن ڪمائڻ جو هڪ نئون ذريعو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن اوهان يوٽيوب تي ٽِڪ ٽاڪ جهڙيون مختصر وڊيوز پوسٽ ڪرڻ پسند ڪندا آهيو ته ڪمپني طرفان ڪمائڻ جو نئون موقعو فراهم ڪيو ويو آهي.
هاڻ يوٽيوب طرفان ڪريٽيرز يعني تخليقڪارن کي پنهنجي وڊيوز فيس ادا ڪندڙ سبسڪرائيبرز تائين محدود رکڻ جو آپشن ڏنو ويندو.
نئين فيچر ذريعي فيس ادا ڪندڙ سبسڪرائيبرز کي اضافي مواد تائين پهچ حاصل هوندي.
ڪمپني موجب، تلخيقڪارَ نئين آپشن کي پنهنجي سبسڪرائيبرز سان خاص مواد شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندا.
فيچر تحت تخليقڪار پنهنجون مختصر وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ کانپوءِ نيو ميمبرز اونلي آپشن ذريعي کين سبسڪرائيبرز تائين محدود رکي سگهندا.
اهڙي ريت اڳواٽ پوسٽ شارٽ وڊيو کي به سبسڪرائيبرز تائين محدود ڪرڻ ممڪن هوندو.
يوٽيوب جو نئون فيچر ٽِڪ ٽاڪ جي سيريز نالي فيچر جهڙو محسوس ٿئي ٿو، ٽِڪ ٽاڪ مارچ 2023ع ۾ سيريز فيچر متعارف ڪرايو هو.
يوٽيوب طرفان نئين فيچر جو اعلان ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته شارٽس وڊيوز کي روزاني بنيادن تي ستر ارب ڀيرا ڏٺو ويندو آهي، جڏهن ته يوٽيوب جي پارٽنر پروگرام جي پنجويهه سيڪڙو چئنلز شارٽس ذريعي پئسا ڪمائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.