مخصوص سيٽن تي قسم کڻڻ بابت هاءِ ڪورٽ حڪم، ڪي پي سرڪار وڏو قدم کڻي ورتو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت طرفان مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي قسم کڻڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪي پي جي قانون واري وزير آفتاب عالم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.
هن چيو ته فيصلو چئلينج ڪرڻ لاءِ وڪيلن جي خاص پئنل ۾ سلمان اڪرم راجا، حامد خان ۽ فيصل صديقي شامل آهن، ان حوالي سان رٽ پيٽيشن به تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ٻن ڏينهن ۾ کانپوءِ ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ مخصوص سيشن جي ميمبرن کان حلف نه ورتو ويندو، سينيٽ چونڊون ملتوي ٿيڻ بابت اڄ صوبائي ڪابينا جي مشاورت ٿيندي، سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري معاملي تي به عدالت سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.