اِي سي ايل ڪميٽي مان محسن نقوي کي وزيراعظم هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا صحافي سميع ابراهيم ۽ عمران رياض سميت 24 اهم شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا کان منظوري گهرو وزارت جي سمري سرڪيولر ذريعي ورتي وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ سميت 22 مختلف ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا اي سي ايل بابت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ منظوري ڏئي ڇڏي. هوڏانهن وفاقي حڪومت ڪابينا جي اي سي ايل ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي، اي سي ايل ڪميٽي جي سربراهي ڪنهن وفاقي وزير کي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ڪميٽي جي سربراهي پاڻ ڪندو، وفاقي گهرو وزير کي اي سي ايل ڪميٽي ۾ شامل نه ڪيو ويو،ڪميٽي ۾ قانون ،صنعت ۽ پيداوار ۽ انساني وسيلن وارا وزير به شامل هوندا، وزيراعظم جي غيرموجودگي ۾ قانون وارو وزير ڪميٽي جي سربراهي ڪندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.