سپريم ڪورٽ مان 9 مئي واري ڪيس ۾ ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مان 9 مئي واري ڪيس ۾ ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب سمورن 5 جوابدارن کي 16 ايم پي او آرڊر تحت گرفتار ڪيو ويو، ايم پي او آرڊر ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي جاري ڪيا.
گرفتار سمورن پنجن جوابدارن خلاف نيو ٽائون ٿاڻي تي 9 مئي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 20 مارچ تي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ جوابدارن کي گذريل رات اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو جنهن بعد دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ فرد جرم جمع ڪرايو ويو هو.
گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ 5 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 19 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.