سليڪشن ڪميٽي ڪپتاني لاءِ بابر جو نالو موڪلي ڇڏيو، حتمي فيصلو پي سي بي چيئرمين ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابراعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو.
سليڪشن ڪاميٽي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جي حوالي سان تجويزون پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي موڪلي ڇڏيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتان جي حوالي سان ذميواري پي سي بي چيئرمين سليڪشن ڪاميٽي کي ڏني هئي، سليڪشن ڪاميٽي ڪم مڪمل ڪري تجويزون پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي موڪليون.
ذريعن ٻڌايو ته ڪپتان لاءِ اڳوڻي ڪپتان بابراعظم جو نالو موڪليو ويو آهي.
پي سي بي چيئرمين جلد ڪپتاني جي حوالي سان مشاورت ڪري فيصلو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.