سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس بابت سکيا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي تربيت ڏني ويندي.
اهڙو فيصلو ڊي جي اطلاعات کاتي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان جي صدارت هيٺ سوشل ميڊيا بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي سميتا سيد، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا فيصل فاروقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان چيو ته سوشل ميڊيا ڄاڻ جي پهچ ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي ويو آهي.
سوشل ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ آرٽيفيشل انٽيلجنس جي سافٽ ويئر کي اثرائتي طريقي سان استعمال ڪيو ويندو.
هن چيو ته انفارميشن کاتي جي آفيسرن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس سافٽ ويئر بابت تربيت ڏني وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ تبديلين کان باخبر رهڻ لاءِ آفيسرن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ ضروري آهي.
سوشل ميڊيا جي مانيٽرنگ جي ڏس ۾ ڊائريڪٽوريٽ جي سڀني ملازمن جي حاضري ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.