سنڌ هاءِ ڪورٽ: ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن و امان جي خراب صورتحال ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي واسطيدار ڌرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪري 9 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي .
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صحافي لالا شهباز خان پٺاڻ جي جي ٻڌڻي ڪئي .
بيريسٽر خان عبدالغفار چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي خاص ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ بدامني جي باهه ۽ ڌاڙيل راڄ سبب عوام غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي.
هن چيو ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن ۽ سنڌ پوليس وٽ ايترا وسيلا ۽ جديد هٿيار موجود ناهن جو هو ڪچي ۾ آپريشن ڪري سگهن، ڌاڙيل ۽ ڏوهارين خلاف پاڪ فوج ، رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪرايو وڃي.
عدالت امن امان ۽ ڌاڙيلن خلاف فوج سان پوليس جي گڏيل آپريشن درخواست ۾ ڄاڻايل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب 9 تي طلب ڪري ورتو آهي…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.