پرڏيهه ۾رهندڙ پاڪستاني سمورا ٽيڪس ادا ڪندا آهن، هتي اچي سڀ اصول وساري ويهندا آهن: ميئر ڪراچي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قانون هڪ ئي وقت ۾ ٻن ٽيڪسن جي اجازت نٿو ڏئي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو ته شهر ۾ جڏهن به ڪا خرابي ٿئي ٿي ته ذميوار ڪي ايم سي کي چيو وڃي ٿو، اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته ڪراچي شهر جو ڪيترو حصو ڪي ايم سي ۾ اچي ٿو.
هن چيو ته پاڻي واٽر بورڊ جي بلن جي ادائگي سان اچي ٿو ٽيڪس ادا ڪرڻ سان نٿو اچي، ڪي اليڪٽرڪ سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ڪنٽونمينٽ جا علائقا شامل ناهن.
هن چيو ته شهرين پاران واٽر بورڊ جا بل ادا نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي، ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني سمورا ٽيڪس ادا ڪندا آهن، واپس ملڪ اچڻ تي سڀ اصول وساري ويهندا آهن……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.