سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪرڻ واري آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اورينج لائن ۽ گرين لائين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي، اورينج لائن ۽ گرين لائين کي ڳنڍڻ لاءِ شٽل سروس شروع ڪئي ويندي.
ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي وقتي سي اي او شمائلا محسن، ريڊ لائن، اورنج لائن، ييلو لائن جا عملدار ۽ عالمي ڪنسلٽنٽ شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شروعاتي طور تي عيد کانپوءِ شٽل سروس نمائش کان ٽاور تائين ڏني ويندي، انو ڀائي پارڪ کان جناح وومين ڪاليج تائين شٽل سروس مفت فراهم ڪئي ويندي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ تحت 18 بلين ماليت جي 300 بسن جو واعدو ڪيو هو، پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ تحت بسز جي فراهمي لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهايو ويندو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي تي نگران حڪومت ڌيان نه ڏنو جنهن سبب ڪم دير جو شڪار ٿيو، سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي ڪوششن سان ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان شروع ڪرڻ وارا آهيون. چاهيون ٿا ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد مڪمل ٿئي ۽ عوام کي فائدو پهچي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ واري آهي، بين الضلاعي ٽرانسپورٽ پراجيڪٽ تحت عوام جي سهولت لاءِ 500 بسون خريد ڪيون وينديون.
هن چيو ته ييلو لائن بس سروس لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي، اميد آهي ته جلد عوام ييلو بس سروس مان فائدو وٺندو.
شرجيل انعام ميمڻ موجب سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپورخاص کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي کان سکر، لاڙڪاڻي کان قمبر شهدادڪوٽ به بسون هلايون وينديون…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.