سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي.
سنڌ ۾ سينيٽ جي 12 سيٽن تي چونڊ ٿيندي، ان لاءِ 20 اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. سينيت جي 7 جنرل سيٽن لاءِ 11 اميدوار مقابلو ڪندا جن ۾ پيپلزپارٽي جا 6، ايم ڪيو ايم جو هڪ ۽ 4 آزاد اميدوار شامل آهن.
عورتن جي ٻن سيٽن لاءِ ٽن اميدوارن ۾ مقابلو هوندو، عورتن جي سيٽن لاءِ پيپلزپارٽي جون 2 ۽ هڪ آزاد اميدوار ميدان ۾ آهن.
ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن لاءِ پيپلزپارٽي جا 2 ۽ 2 آزاد اميدوار آمهون سامهون آهن.
سنڌ مان اقليت جي هڪ سيٽ لاءِ ٻن اميدوارن ۾ مقابلو آهي، جن ۾ هڪ پيپلزپارٽي جو ۽ هڪ آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.