توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ ترجيح آهي: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا چيو آهي ته توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ واشنگٽن جي ترجيح آهي.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي صاف توانائي جي صلاحيت کي 4 هزار ميگا واٽ تائين وڌائڻ ۾ مدد ڪئي آهي، آمريڪي منصوبن سان اڄ ڪروڙين پاڪستانين جي گهرن تائين بجلي فراهم ٿي رهي آهي.
ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن اڄ جي سڀ کان اهم ماحولياتي چئلينجن خاص ڪري پاڻي جي انتظام کي منهن ڏئي سگهجي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پريس بريفنگ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان کان جڏهن پاڪ ايران گيس پائيپ لائين بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته هو ڪنهن به ممڪن ڪارروائي تي تبصرو نٿو ڪري سگهي، پر هو سڀني کي مشورو ڏئي ٿو ته هو ڪاروبار نه ڪن، ايران سان آمريڪي پابندين جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.