پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بشام ۾ دهشتگرداڻي حملي بعد حڪومت چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنج چيني شهري مارجي ويا.
سندس چوڻ هو ته اهڙا حملا دهشتگردي کي منهن ڏيڻ واري عزم کي هٿي ڏين ٿا، پاڪستان ۽ چين ويجها ۽ دوست ملڪ آهن.
هن چيو ته اسان کي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بشام حملو پاڪستان ۽ چين دوستي جي دشمنن ڪيو هو، اسان گڏجي اهڙن حملن خلاف ڀرپور طريقي سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گڏيل قومن ۾ جنگ بندي جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ به اسرائيل جون فلسطينين خلاف ڪارروايون جاري آهن، فلسطيني ڏڪار ۽ نسل ڪشي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هن مطالبو ڪيو ظلمن کي روڪرايو وڃي ۽ امدادي ٽيمن کي غزا ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.