سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جسٽس محمد علي مظفر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جستس مسرت هلالي، جسٽس عرفان سعادت خان بينچ ۾ شامل آهن.
ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل خاص عدالتن مان 15 کان 20 جوابدار آزاد ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته بريت ۽ گهٽ سزا وارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو، مجموعي طور تي 105 جوابدار فوج جي تحويل ۾ آهن.
اٽارني جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته خاص عدالتن کي محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان تي جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اجازت ڏني به وڃي ته اها اجازت اپيلن جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي.
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته رڳو انهن ڪيسز جا فيصلا ٻڌايا ويندا جن ۾ نامزد ماڻهو عيد کان اڳ آزاد ٿي سگهن ٿا، اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته گهٽ سزا وارن کي قانوني رعايتون ڏنيون وينديون، فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت اپيلن تي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.