آمريڪا ۽ سندس ساٿاري وڏي ۽ مضبوط روس کان ڊنل آهن: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ سندس ساٿاري وڏي ۽ مضبوط روس کان ڊنل آهن.
روسي فضائيه جي اهلڪارن کي خطاب ڪندي روسي صدر ولاديمير پيوٽن واضح ڪيو ته روس نيٽو ملڪن يا يورپ تي حملو نه ڪندو.
هن چيو ته پولينڊ، بالٽڪ رياستن يا چيڪ خلاف روس جا ڪي ارادا ناهن.
روسي صدر چيو ته دوکي باز دفاع جي نالي تي پنهنجي عوام کان واڌو رقم اوڳاڙيندا آهن.
ان موقعي تي روسي صدر پيوٽن ”روس رڳو روسين جو آهي“ جهڙا جملا چوڻ وارن کي به خبردار ڪيو ۽ چيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مذهبن جي مڃڻ وارن جو ملڪ آهي، مسلمان ۽ يهودي به اسان جا ڀائر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.