پشاور ( م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ ) ف ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ اعلان ڪيو ته جي يو آءِ جو ڪو به اميدوار ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اٺ فيبروري جي چونڊن جا نتيجا رد ڪريون ٿا. اٺ فيبروري جي چونڊ نتيجن خلاف 25 اپريل کان بلوچستان مان احتجاجي تحريڪ شروع جو اعلان ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوام کي متحد ڪري اعتماد ۾ وٺنداسين. هن چيو ته ڪراچي، پشاور ۽ لاهور ۾ به جلسا ڪيا ويندا، ٻين سياسي پارٽين سان به رابطو ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن بيوس آهي، ان کي نتيجا مرتب ڪرڻ جي اجازت نه آهي. مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته هو تازين چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ٿو. پنهنجي پيغام ۾ مولانا چيو ته هي پارليامينٽ عوام جا گهٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ نمائندي آهي، تنهن ڪري هاڻي اسان کي عوام وٽ وڃڻو پوندو ۽ کين اعتماد ۾ وٺڻو پوندو ۽ عوام کي ووٽ جي حق لاءِ متحد ڪرڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان شاهزيب خانزادي کي انٽرويو ۾ چيو ته هن نواز شريف کي چيو ته اوهان نوان لاڏلا آهيو. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن آواز اٿاريو آهي ته اسان جي ڪم ۾ مداخلت ٿي رهي آهي. فضل الرحمان چيو ته عوام رستن تي ايندو ته حڪومت پاڻ مرادو ڊهي پوندي. هن چيو ته اسان جو احتجاج انهن خلاف آهي جن من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جو احتجاج انهن ادارن خلاف آهي جن چونڊن کي راند سمجهيو آهي. احتجاج ۾ ان قوت کي فوڪس ڪيو ويندو، جنهن نتيجا تبديل ڪيا، هن چيو ته پي ٽي آءِ سان هن وقت ڪو به رابطو ناهي ،پي ٽي آءِ مون سان رابطي ۾ ناهي، جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته مون کي پي ٽي آءِ جي رويي ۾ تبديلي نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته يقين سان چوان ٿو ته پ پ ۽ ن ليگ به چونڊ نتيجن تي مطمئن ناهن. فضل الرحمان چيو ته ڏوهه ٻيو ڪير ڪري ٿو، سياستدان ان جو بار پنهنجي سر تي کڻي وٺن ٿا. ٻئي طرف جمعت علماءِ مولانا فضل الرحمان چيني سفارتخاني جي دوري دوران چيني سفير جيانگ زائڊون سان ملاقات ڪئي، چيني سفير سان ملاقات هلندڙ ڏينهن خودڪش حملي ۾ چيني شهرين جي فوت ٿيڻ جي خبر تي افسوس ڪيو، ملاقات ۾اڳواڻن امن امان سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.