ميٽا کان ”شهيد“ لفظ تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو

فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي پيرنٽ ڪمپني ميٽا جي نگران بورڊ هاڻي ڪمپني مان عربي لفظ ”شهيد“ (انگريزي ۾ martyr) تي پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميٽا جي ملڪيت هيٺ هلندڙ بورڊ (جيڪو آزاديءَ سان ڪم ڪندو آهي) چيو آهي ته هڪ سال جي ڊگهي جائزي کانپوءِ  اها ڄاڻ ملي آهي ته لفظ ”شهيد“ تي موجوده پابندي سان جنهن کي ڪمپني پاران چيو ويو هو ته دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، لکين واهپيدارن جي اظهار جي آزادي کي دٻايو پيو وڃي.

بورڊ ميٽا کي مشورو ڏنو آهي ته لفظ شهيد تي مشتمل پوسٽ کي رڳو ان صورت ۾ ڊاهڻ گهرجي جڏهن اهو تشدد جي واضح نشانن سان هڪجهڙائي رکي يا ميٽا جي ٻين قانون جي ڀڃڪڙي ڪري. بورڊ موجب ميٽا جي موجوده پابندي غير ضروري آهي ۽ ڪمپني کي  اها پابندي ختم ڪرڻ گهرجي. اهو فيصلو وڏي عرصي جي تنقيد کانپوءِ سامهون آيو آهي ته ميٽا وچ اوڀر جي مواد کي ڪيئن هينڊل پيو ڪري. بورڊ موجب ڇاڪاڻ ته ”شهيد“ جو لفظ عام طور تي ايشيا، افريقا ۽ وچ اوڀر مان مسلمان ۽ غير مسلم ٻئي استعمال ڪندا آهن ان لاءِ ان جي استعمال تان پابندي ختم  ڪرڻ سان عالمي سطح تي پوسٽ ٿيندڙ مواد کي ڊاهڻ جو خطرو گهٽجي ويندو.

ميٽا جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڪمپني بورڊ پاران فراهم ٿيندڙ فيڊ بيڪ جو جائزو وٺي سٺ ڏينهن جي اندر جواب جمع ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.