بشام واقعي تي اهم اجلاس، وزيراعظم جي گڏيل جاچ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن شانگلا ۾ پيش آيل دهشتگرد واقعي تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي اجلاس ٿيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ آرمي چيف سميت سيڪيورٽي ايجنسين جي سربراهن، آءِ جيز ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين به شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت معاملن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيڪيورٽي آڊٽ به ڪئي وئي.
اجلاس جي جاري ٿيندڙ پڌرائيءَ موجب وزيراعظم بشام واقعي جي گڏيل جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورا رياستي وسيلا استعمال ڪيا وڃن.
هن چيو ته اهو وحشياڻو فعل ڪندڙن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.