بابر اعظم ٻيهر ڪپتان بڻجڻ لاءِ پي سي بي آڏو شرط رکي ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت جو تاج هڪ ڀيرو ٻيهر بابر اعظم سر تي سجائڻ لاءِ تيار آهي پر هو اِها ذميواري قبول ڪرڻ کان اڳ پي سي بي کان ڪجهه خاطريون چاهي ٿو.
ذريعن موجب، شاهين شاهه آفريدي جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي آهي، محمد رضوان ذميواري سنڀالڻ لاءِ فيورٽ ۽ بابر اعظم به ڊوڙ ۾ شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم هاڻي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار آهي ۽ اختيارين کيس ٻيهر ٽيم جي قيادت ڏيڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
گذريل سال ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ناقص ڪاڪردگي کانپوءِ بابر اعظم کي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٽائي شاهين شاهه آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ۽ شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سونپي وئي هئي.
شان مسعود جي قيادت ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندڙ پاڪستان ٽيم کي ٽنهي ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن ته شاهين شاهه جي ڪپتاني ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 4-0 تان هارائي ڇڏيو هو.
ذڪاءَ اشرف جي جاءِ تي پي سي بي چيئرمين جو عهدو سنڀاليندڙ محسن نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ دٻيل لفظن ۾ ڪپتان جي تبديلي بابت خيالن جو اظهار ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي جهڙي طرح بابر اعظم کان ڪپتاني کسي وئي هئي هو اڃا تائين پي سي بي جي اهڙي عمل تي ناخوش آهي، انڪري هو ذميواري قبول ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار آهي.
ذريعن موجب، بابر اعظم بورڊ سان ڪجهه معاملا طئي ڪرڻ چاهي ۽ ڪجهه خاطريون چاهي ٿو سمورن معاملن تي اتفاق راءِ جي صورت ۾ هو ٻيهر ڪپتاني قبول ڪري وٺندو.
ڪرڪيٽ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بابر اعظم ٻيهر ڪپتان بڻيو ته عماد وسيم ۽ محمد عامر جي واپسي سبب کيس ڪيئي چئيلنجز کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇو ته ٻنهي سينيئر ڪرڪيٽرن سان بابر جو مبينا طور تڪراري هلندڙ آهي، عماد وسيم ۽ عامر مختلف موقعن تي کيس تنقيد جو نشانو به بڻائي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.