اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ غير معمولي تيزي، بلند ترين سطح جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ غير معمولي تيزي سبب بلند ترين سطح جو رڪارڊ ٽٽي ويو.
اربع ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ساڍن ٽن مهينن کانپوءِ بلند ترين سطح جو رڪارڊ ٽٽي ويو، 100 انڊيڪس 641 پوائنٽن جي واڌ سان 66547 پوائنٽن جي رڪارڊ سطح تي بند ٿيو، ان کان اڳ ڊسمبر 2023 ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ 66426 پوائنٽن جي رڪارڊ سطح تي بند ٿي هئي.
بازار ۾ اڄ 35 ڪروڙ 45 لک شيئرز جا سودا ٿيا، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 11 ارب 88 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 81 ارب رپيا وڌي 9346 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.