محسن نقوي، احد چيما ۽ طلال چوڌري سميت 7 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اليڪشن ۾ پنجاب مان 7 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا.
پنجاب مان سينيٽ چونڊ ۾ ن ليگ جو پرويز رشيد، ناصر محمود، احد چيما ۽ طلال چوڌري بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته حڪومتي اتحاد جو محسن نقوي به بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو.
ان کانسواءِ سني اتحاد ڪائونسل جو راجا ناصر عباس ۽ حامد خان به سينيٽر چونڊجي ويا آهن.
ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي مصطفيٰ رمدي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا هئا، جڏهن ته جنرل سيٽ تي شهزاد وسيم، مصدق ملڪ، وليد اقبال ۽ عمر اعجاز چيمه ڪاغذ واپس ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.