واٽس ايپ ۾ وڊيو ڏسڻ لاءِ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڊيو کي پلي بيڪ ڪرڻ سولو ثابت ٿيندو.

هي نئون فيچر آءِ فونز لاءِ متعارف ڪيو ويو آهي جڏهن ته هي يوٽيوب جي وڊيو پلي بيڪ ڪنٽرولز سان هڪجهڙائي رکي ٿو.

ان فيچر سان واهپيدار وڊيو کي 10 سيڪنڊ پوئتي ۽ 10 سيڪنڊ فارورڊ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، جنهن لاءِ ان کي اسڪرين تي ٻه ڀيرا ڪلڪ ڪرڻو هوندو.

هاڻي واٽس ايپ تي وڊيو ڏسندي ان کي ريوائنڊ يا فارورڊ ڪرڻ لاءِ پروگريس بار تي آڱر کي اڳتي پٺتي ڪرڻو پوندو.

گذريل سال ان فيچر تي تجربا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هاڻي واهپيدارن لاءِ ان فيچر کي متعارف ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان ڳالهه جي ڄاڻ ناهي ته اينڊرائڊ استعمال ڪندڙن لاءِ هي فيچر ڪڏهن متعارف ڪيو ويندو.

ان کانسواءِ واٽس ايپ ۾ وڊيو ميسيج موڪلڻ جي عمل کي به تبديل ڪيو پيو وڃي. پهريون مائيڪرو فون جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ان فيچر کي استعمال ڪيو پيو وڃي هاڻي ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪيمرا بٽڻ کي ڪجهه دير تائين دٻائي رکڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.