بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتان بڻائڻ جو امڪان، شاهد آفريدي ناٺي جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جو نالو هڪ ڀيرو وري گردش ڪري رهيو آهي جنهن بعد اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ناٺي ۽ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو آهي.
شاهد آفريدي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن به چهرا تبديل ٿيندا آهن ته نظام به تبديل ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو جيڪو ڪم ڪندو اِهو سڀ کان الڳ هوندو، نئون ايندڙ سمجهي ٿو جنهن پهريان ڪم ڪيو غلط ڪم ڪيو آهي.
ڪپتاني بابت سوال تي شاهد آفريدي چيو ته جنهن کي ڪپتاني ڏيو تنهن کي وقت به ڏيو، ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو جيڪو پهريان ڪيو ويو يا ته اِهو غلط هو يا هاڻي جيڪو ٿيندو اِهو غلط هوندو.
ان کانسواءِ شاهد آفريدي چيو ته ڪاڪول ۾ ٽريننگ ڪئمپ جو تجربو سٺو رهيو آهي، اتي ٽريننگ سان فٽنس ۾ فرق پوندو آهي.
هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو سٺو آهي، سندس خيال ۾ سليڪشن ڪميٽي جو هڪ سربراهه هئڻ گهرجي، سربراهه نه هجڻ سان فيصلن ۾ ڏکيائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته محمد عامر ۽ عماد وسيم جو وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو غلط هو، ٻنهي ڪرڪيٽ باقي آهي، ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مزو پاڪستاني ٽيم ۾ ايندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.