عثمان خان پاڪستان خاطر دولت کي ٺڪرائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان ڪرڪيٽر عثمان خان ملڪ جي نمائندگي لاءِ پئسن ڇڏي ڏنو.
نوجوان ڪرڪيٽر پاڪستان خاطر گڏيل عرب رياستن ( يو اَي اِي ) ڪرڪيٽ بورڊ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جو نوٽيس اُماڻي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ پي سي بي سندس قانوني مدد ڪئي.
عثمان خان جيڪڏهن پاڪستان طرفان کيڏڻ کي ترجيح نه ڏئي ها ته وٽس ايندڙ سال يو اي اي جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو هو پر هن پاڪستان طرفان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
امارات ڪرڪيٽ بورڊ عثمان خان کي مالي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ به ڏنو هو.
عثمان خان هلندڙ سال آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ هن مقامي رانديگر طور گلف جائنٽس جي نمائندگي ڪئي هئي، هو پاڪستاني پاسپورٽ هولڊر هو پر ان باوجود ڀارتي اونر جي فرنچائز ۾ لوڪل پليئر طور شموليت اختيار ڪئي.
عثمان خان کي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ پنج هزار ڊالر ( هڪ ڪروڙ چاليهه لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) معاوضو مليو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.