ارسا ايڪٽ 16 مارچ 1991ع تي پاڻي ٺاهه جي نتيجي ۾ جڙيو

حيدرآباد: 1992ع وارو ارسا ايڪٽ، 16 مارچ 1991ع تي صوبن وچ ۾ ٿيل پاڻي ٺاهه جي نتيجي ۾ جڙيو ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل  ان جي توثيق ڪئي، پر سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، سياسي ۽ قومپرست جماعتن ان 1191ع واري پاڻي ٺاهه کي به اڃا تائين تسليم نه ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ مسلسل سنڌ سان پاڻي جي معاملن ۾ ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، پر تنهن جي باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا آرڊيننس 2024ع آڻي مڪمل طور تي ارسا ايڪٽ 1992ع کي تبديل ڪيو ويو آهي. وفاق ۽ چئن صوبن جي وچ ۾ ٿيل 1991ع واري معاهدي ۾ صوبن جي پاڻي جي حصي جي وضاحت ڪئي وئي هئي، ان ئي معاهدي تحت ارسا نالي ادارو قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ چئن صوبن کي نمائندگي ڏني وئي، ان معاهدي کان هڪ سال پوءِ ارسا ايڪٽ 1992ع پاس ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.