”شاهد آفريدي ڪپتاني جي خلاف هو“ شاهين جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۽ پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته جڏهن پهريون هن کي لاهور قلندرز جي ڪپتاني جي آڇ ڪئي وئي هئي ان وقت گهڻو ننڍو هئس.
شاهين آفريدي هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڪپتاني بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته مان لاهور قلندرز جي هارائڻ جو سبب ضرور ٻڌايو هو پر اِهو به چيو هو ته ڪپتان تبديل نه ڪيو وڃي.
هن چيو ته پهريون ڀيرو 2019ع ۾ قلندرز جي ڪپتاني جي آڇ ٿي، جيڪڏهن مان ان وقت ڪپتاني ها ته ٽيم وکري وڃي ها ڇو ته تڏهن ٻيا به سينيئر رانديگر هئا .
فاسٽ بالر چيو ته 2022ع ۾ جڏهن هن کي لاهور قلندرز جو ڪپتان بڻايو ويو تڏهن به کيس يقين نه پئي آيو ته ڪو ڪپتان بڻجي ويو آهيان.
هن ٻڌايو ته سهري ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي منهنجي ڪپتاني ڪرڻ جي خلاف هو ڇو ته کيس ڊپ هو ته منهنجي بالنگ متاثر ٿيندي، مون کيس چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته بالنگ سان ليڊ ڪيان.
هن چيوته جڏهن ته ڪا ٽيم هارائيندي آهي ته سڀ سمجهندا آهن ته ڪپتان هارايو پر ائين ناهي هوندو، ڪرڪيٽ 11 رانديگرن جي راندي انڪري 11 رانديگرن کي ئي کيڏڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪپتاني ۾ هر صورتحال ۾ هرڪنهن سان دوستاڻو رويو رکڻ گهرجي، مان ڪنهن کي ڏنڊا هڻي سڌو نٿو ڪري سگهان، زبان به ڏنڊو هوندي آهي، ڏنڊو جسم کي نقصان پهچائيندو آهي، زبان دل ۾ سوراخ ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.