محسن نقوي جي نگران ڪابينا جو وزير پي سي بي سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) محسن نقوي جي نگران ڪابينا جو وزير بلال افضل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميشن ۾ شامل ٿي ويو.
بلال افضل گذريل مهيني ختم ٿيندڙ پنجاب جي نگران ڪابينا ۾ وزير هو.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول افضل سليڪشن ڪميٽي ۾ ڊيٽا اينالسٽ هوندو، ناليوارو ڊيٽا اينالسٽ حسن چيما به ايڪس آفيسيو ميمبر طور سليڪشن ڪميٽي جو حصو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهله سليڪشن ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪشن ڪميٽي ميمبرن جا نالا ويب سائيٽ تي اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيا آهن.
واضح رهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي 7 رڪني سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.