هڪ ٻه سال ڏکيا سهي پر سٺو وقت ضرور ايندو: نواز شريف

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته هڪ ٻه سال ڏکيا سهي پر سٺو وقت ضرور ايندو.
فيصل آباد ڊويزن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ن ليگ قائد نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي نواز شريف چيو ته سڀ گڏجي ملڪ کي ٻيهر پنهنجي مقام تي آڻينداسين، اسان جي حڪومت کي نه هٽايو وڃي ته ملڪ ترقي جي بلندين تي هجي ها، قبضو ڪندڙن ملڪ سان جيڪو ڪيو، سڀني ڏٺو.
هن چيو ته رڳو ن ليگ نه پاڪستان سان زيادتي ٿي، ن ليگ کي هاڻ پنهنجي سياسي ميراث حاصل ڪرڻي آهي، هڪ ٻه سال ڏکيا سهي پر سٺو وقت ضرور ايندو، سياستدانن، انتظاميا ۽ پوليس سميت سڀني کي گڏجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.