پاڪ-ڀارت سيريز ڪرائڻ لاءِ آسٽريليا ڪوششون ڪرڻ لڳو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سيريز ڪرائڻ ۾ دلچپسي ظاهر ڪري ڇڏي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميزباني ڪندي خوشي محسوس ٿيندي پر ايندڙ سيزن ۾ اِهو ممڪن ناهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن کي ايندڙ سيزن ۾ آسٽريليا جو دورو ڪرڻو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽه ملڪي ٽورنامينٽ تي غور ڪري رهيو آهي جڏهن ته باقي ٻن ٽيمن لاءِ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطي جي ڪوشش ڪندو.
ان ڏس ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي آپريشنز مئنيجر پيٽرو روچ جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پاڪستان، آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽه ملڪي سيريز ڪرائڻ جو موقعو نه آهي، نومبر ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آسٽريليا ۾ هونديون.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا جو هر ملڪ پاڪ-ڀارت مقابلا پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائڻ چاهيندو اعتراف ڪيون ٿا ته آسٽريليا به اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي پر فلحال شيڊيول ۾ گنجائش نه آهي، ان حوالي سان مستقبل ۾ ڪوششون جاري رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.