100 ورهين جو جُهور پوڙهو ۽ 96 ورهين جي ڪراڙي پسند پرڻي لاءِ تيار

محبت ته ڪنهن به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي، اهو ئي 100 ورهين جي هيرولڊ ٽرينر ۽ 96 ورهين جي جيني سوارلين سان ٿيو.
ٻنهي کي عمر جي ان حصي ۾ محبت ٿي آهي، جڏهن ڪيترائي ماڻهو قبر ۾ پهچي ويندا آهن ۽ ٻنهي 3 سالن جي رومانوي لاڳاپن کانپوءِ جون 2024 ۾ شادي جو فيصلو ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران جيني سوارلين چيو ته اهو تعلق رڳو نوجوانن لاءِ ناهي، حقيقت ۾ هن عمر ۾ سڀ ڪجهه ملي وڃڻ جو احساس تمام زبردست آهي، جڏهن ته هيرولڊ ٽرينر جا خيال به اهڙا ئي هئا.
هن چيو ته مون کي سدائين لڳندو هو ته دنيا جي عظيم ترين محبت جو داستان روميو جوليٽ آهي پر اهو فڪشن آهي ۽ پوءِ مان فيصلو ڪيو ته محبت جو عظيم داستان منهنجو ۽ جيني جو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڇا اهڙو ڪو جوڙو هوندو، جيڪا اسان جي عمر ۾ هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿيو هجي؟
جيني سوارلين ٻه ڀيرا بيواهه ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هيرولڊ ٽرينر جي گهرواري شادي جي 70 ورهين کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
هيرولڊ موجب زال جي لاڏاڻي کانپوءِ مون کي ڪنهن سان ملاقات ۾ دلچپسي نه هئي، ان وقت منهنجي سوچ هئي ته زندگي ۾ گهڻو رومانس ٿي چڪو پر بهترين دوست زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي.
هن چيو ته جيني سان ملاقات دوران مون سان ڪجهه عجيب ٿيو ۽ ان کي ڏسندي منهنجي جسم ڏڪڻ لڳو، مان ڪجهه کائي به نه سگهيس، ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو ۽ مون کي احساس ٿيو ته 98 ورهين جي عمر ۾ محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهي، هاڻ منهنجي عمر 100 سالن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته اڳ کان وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳو آهيان.
هيرولڊ ٽرينر جون ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي، جڏهن ته جيني سوارلين جون به ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي، ٻنهي جا ڪيترائي پوٽا، پوٽيون، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.