نصيرآباد ۾ شهيد هدايت الله لوهار جي قاتلن گرفتاري لاءِ ۽ پوليس گردي خلاف ڌرڻو

نصير آباد (رپورٽ: بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾ قومپرست اڳواڻ پرائمري استاد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ لاڙڪاڻي ۾ 17 مارچ واري ڏينهن تي احتجاج ڪرڻ تي پوليس انتظاميا قومي ڪارڪنن  مٿان دھشتگردي تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ نياڻين  جي گرفتارين ۽ تشدد خلاف جسٽس ڦار ھدايت ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سان گڏ قومپرست اڳواڻن پاران ھٿن ۾ مقتول جا اسٽيڪر ۽ بينر کڻي نوناري  پاڙي کان مقتول جي نياڻين جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سسئي ۽ سورٺ لوھار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي جي وڏي گيٽ اڳيان ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي نياڻين جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سسئي ۽ سورٺ لوھار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابا سائين ھدايت الله لوھار کي شھيد ٿئي 39 ڏينهن گذري ويا آهن پر نصيرآباد پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او نصيرآباد ھدايت بجاراڻي ۽ سرگودا جي رهواسي غلام محمد پٽ محمد رمضان ۽ ٻن نامعلوم نقاش پوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ بابا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ رٿيل 17 مارچ واري ڏينهن تي پرامن احتجاج ڪرڻ تي لاڙڪاڻو پوليس ريلي مٿان بنا جواز ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل اڇلايا ويا ۽ سخت لاٺي چارج ڪري اسان جا ڪيترائي قومي ڪارڪنن کي پڻ زخمي ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي 12 قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن دھشتگردي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، ھنن چتاءُ ڏنو ته ھڪ ھفتي اندر قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ۽ 12 گرفتار قومي ڪارڪنن مٿان داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته سپر هاءِ وي جا روڊ مڪمل طور تي بند ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.