سنڌ ۾ صورتحال بهتر ناهي، ڏوهارين خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي: نثار کهڙو

سکر (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جو مرڪزي جلسو 3 اپريل تي رات جو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي جي انتظامن ۽ تيارين بابت پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت ۾ سکر ۾ سيد خورشيد شاهه جي رهائشگاهه تي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ورسي جي جلسي ۾ ڀرپور عوامي شرڪت يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي جو جلسو 3 اپريل تي رات جو ٿيندو ۽ جلسي جا سڀئي انتظام ۽ تياريون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي ۽ ڌاڙيلن طرفان موٽر ويز ۽ هاءِ ويز بند ڪري اغوا ۽ ڦرن جون وارداتون ڳڻتي جوڳو  عمل آهي، سنڌ ۾ امن امان جي قيام لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن کان جديد هٿيار برآمد ڪري انهن جي ٺڪاڻن کي پڻ ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته امن امان جو قيام سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي جنهن لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن ۽ امن امان جي قيام لاءِ آءِ جي سنڌ سميت ٻين پوليس آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته نئون آءِ جي سنڌ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ڇاڪاڻ ته غلام نبي ميمڻ هڪ سٺي شهريت رکندڙ آفيسر آهي، مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ انتظاميه گڏجي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.