هدايت لوهار جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي: ايڇ آر سي پي

ڪراچي (رپورٽر)هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان( ايڇ آر سي پي) نصير آباد ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل استاد هدايت لوهار جي قتل جي اڻ ڌري تحقيقات ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. اها   ڳالهه ڪالهھ سومر جي شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ ايڇ آر سي پي جي اڳواڻن اقبال بٽ، مهناز رحمان، ڊاڪٽر رياض شيخ، قاضي خضر حيات، نزهت شيرين ۽ زهرا خان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. هنن چيو ته هدايت لوهار کي رياستي ايجنسين ٻه دفعا کنڀي گم ڪيو هو ۽ نيٺ آخر کيس قتل ڪيو ويو، جنھن جي ايف آئي آر احتجاج ۽ ڪورٽ جي حڪم تي ڪٽي وئي آهي. هنن چيو ته ملڪ جون ايجنسيون تاريخ مان سبق سکڻ نه ٿيون چاهين ۽ انهن ئي ملڪ جا ٻه اڌ ڪري ڇڏيا ۽ هاڻي بلوچستان ۽ سنڌ خلاف رياستي دهشتگردي شروع ٿي چڪي آهي، جنهن خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي. هنن چيو ته هدايت لوهار جا ٻه پٽ ۽ ٻيا نوجوان جيل ۾ آهن ۽ 26 سياسي ڪارڪنن مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي،هدايت لوهار جي قتل خلاف احتجاج دوران گرفتار ٿيل ماڻهن کي غيرمشروط طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ کين پرامن ميڙاڪي جي آزادي جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي هنن چيو ته ملڪ ۾ صحافي ۽ ميڊيا به قيد ڪري گم ڪئي وئي آهي، جنهن جا خراب نتيجا ملندا ۽ دنيا ۾ پاڪستان بدنام ٿي چڪو آهي. ھنن چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف ظالماڻي صورتحال آهي، پر سلام آهي سورٺ ۽ سسئي لوهار کي جن جدوجهد ڪري سڀني کي بيدار ڪيو آهي،جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاريندڙ ڪارڪنن جي زندگين کي خطرا آهن، سنڌ حڪومت کي هدايت الله لوهار جي خاندان کي معاوضو ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ قتل جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي ڀلي انهن جا طاقتور حلقن سان ڪنهن به قسم جا امڪاني رابطا ڇو نه هجن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.