شڪارپور جي قديمي سر هينري هالينڊ آءِ اسپتال تي قبضي جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر) شڪارپور ۾ صديون پراڻي سر هينري هالينڊ ڪرسچن آءِ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۽ زمين تي قبضي جو انڪشاف، سيشن جج شڪارپور عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، عدالت 7 ڏينهن اندر اسپتال جو قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شڪارپور ۾ صديون پراڻي سر هينري هالينڊ ڪرسچن آءِ اسپتال جي زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ سيشن جج شڪارپور پيش ٿيو،  سيشن جج رپورٽ ۾ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر سميت زمين تي قبضي جو انڪشاف ڪندي چيو آھي ته اسپتال جي زمين تي هائوسنگ پراجيڪٽ  تعمير ڪيو پيو وڃي، عدالت 7 ڏينهن اندر اسپتال جو قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آپريشن ٿيٽر سميت سمورن هنڌن تان قبضو خالي ڪرائڻ جو عمل يقيني بڻايو وڃي، جڏھن ته سيشن جج حددخلين خلاف آپريشن جي نگراني ڪندو، عدالت ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي شڪارپور کي سر هينري هالينڊ ڪرسچن آءِ اسپتال تان فوري طور قبضو هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ستن ڏينهن اندر قبضو نه ڪرايو ويو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي صحت کاتي جي ڪميٽي کي به رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو، واضح رهي ته قبضي ھيٺ آيل اسپتال سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي تاريخي ورثي لسٽ ۾ شامل آهي، عدالت ڌرين کان جواب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.