سنڌ جي مخصوص علائقن ۾ پوليو مهم شروع، 27 لک ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويندا

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پوليو وائرس کان متاثر ٻارن جي تازن ٻن ڪيسن جي جواب ۾ ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ پاران مخصوص علائقن ۾ پوليو مهم شروع ڪئي وئي آهي، ان مهم جو مقصد سنڌ جي 8 ضلعن جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر، ڪشمور، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي لڳ ڀڳ 27 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ آهي.
سڄي صوبي ۾ 8,100 کان وڌيڪ ويڪسينيشن ٽيمون ڪم ڪنديون ته هر مستحق ٻار کي زندگي بچائيندڙ ويڪسين ملي سگهي، مهم جي شروعات EOC سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر پاران شيخ زيد چلڊرن اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڪئي وئي.
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي ڪوآرڊينيٽر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته مهم دوران ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي ته جيئن وائرس جي گردش کي هميشه لاءِ روڪي سگهون.
افتتاحي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سمير نور چنا، اي ڊي سي ون آصف رضا چانڊيو، BMGF ٽيڪنيڪل فوڪل پرسن سنڌ ڊاڪٽر احمد علي شيخ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد اطهر علي شاهه ۽ DEOC ۽ صوبائي EOC سنڌ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.