پي آءِ اي بورڊ اداري جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز اداري جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پي آءِ اي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي پڌرائيءَ موجب بورڊ جو 83هون اجلاس 25 مارچ تي ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري لاءِ اسڪيم آف ارينجمينٽ جي منظوري ڏني وئي.
پڏرائيءَ موجب پي آءِ اي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) سان گڏ طريقي ڪار طئي ڪندو ۽ ان لاءِ پي آءِ اي جي نجڪاري جو منصوبو ايس اي سي پي کي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي بورڊ ٻن ڪمپنين جي قيام جي منظوري ڏيندي اداري کي پي آءِ اي سي ۽ پي آءِ اي هولڊنگ ۾ ورهائڻ جي به منظوري ڏني.
ذريعن موجب بورڊ اجلاس ۾ پي آءِ اي ملازمن جي مستقبل بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو ۽ جن ملازمن جي سروس 4 سال رهجي وئي آهي، انهن کي رٽائر ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري کان اڳ رضاڪاراڻي رٽائرمينٽ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.