پي ٽي آءِ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي بي اعتمادي

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي ڪيسن مان پاڻ کي لاتعلق ڪري.ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي رئوف حسن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني بابت ڪيسن جي ٻڌڻي سست رفتاري جو شڪار آهي ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جو خدشو آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

  1. سنڌ ۾ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر)  چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هاري ڪارڊ بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت رفيق  احمد ٻرڙو، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ، سي اي او سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن خالد محمود شيخ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس سان خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي هاري ڪارڊ ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ ڪنهن قدرتي آفت جي صورت ۾ هارين کي هاري ڪارڊ ذريعي مدد ڏني ويندي. چيف سيڪريٽري سنڌ زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن اندر سموري ڊيٽابيس جي مدد سان هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ گهربل ڊيٽا حاصل ڪئي وڃي.

  1. آءِ ايم ايف  چونڊن بابت خدشا ختم ڪرڻ جو چيو آهي: مزمل اسلم

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف  جي رهنما مزمل اسلم چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسان جي خط جو  جواب ڏنو آهي،  آئي ايم ايف لکيو آهي ته پاڪستان  جي اندورني معاملن تي مداخلت نه ٿيا ڪيون، رئوف  حسن جي پريس ڪانفرنس ڪندي مزمل اسلم چيو ته آئي ايم ايف لکيو آهي ته پاڪستان جي چونڊن جي مطابق  خدشن کي پري ڪرڻ کپي،هن چيو ته  چونڊن بابت  يورپي يونين جي  رپورٽ پبلڪ ڪئي وڃي.

  1. اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 84 فلسطيني  شهيد

غزا  (م ڊ) غزا جي هٿين خالي فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 84 ڄڻا شهيد  ٿي ويا جڏهن ته 114 زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج خوراڪ جي منتظر ماڻهن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ 19 فلسطيني گولين جو کاڄ بڻجي ويا. فلسطيني ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 32 هزار 226 تائين پهچي ويو جڏهن ته 74 هزار 518  زخمي ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.