خودمختيار آهيان، غلط کي غلط چوڻ ضروري سمجهان ٿي: سارا علي خان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته هوءَ مذهبي عقيدن بابت سوالن تي ڪڏهن پريشان ناهي ٿيندي.
سارا علي خان پنهنجي هڪ تازي انٽرويوءَ دوران هڪ سيڪيولر فيملي ۾ پرورش سميت مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هن هڪ خودمختيار، سيڪيولر ۽ جهموري ملڪ جي هڪ سيڪيولر خاندان ۾ جنم ورتو، انڪري جنهن به مسئلي ته ڳالهائڻ غير ضروري محسوس ٿيندو آهي چپ رهندي آهيان پر غلط ڪمن خلاف آواز اُٿارڻ ضروري سمجهان ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس مذهبي عقيدن سميت ڇا کائڻ گهرجي يا ڇا نه کائڻ گهرجي، ڪهڙا ڪپڙا پائڻ گهرجن اِهي سڀ منهنجا ذاتي فيصلا آهن ۽ مان پنهنجي فيصلن تي ڪڏهن به ڪنهن کان معافي نه وٺنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.