عيد تي هلائي ويندڙ اسپيشل ٽرينن جا تفصيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي اختيارين عيدالفطر تي 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي مسافرن لاءِ عيد تي 4 اسپيشل ٽرينون هلايون وينديون.
ريلوي اختيارين طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي کان مسافرن لاءِ 2 اسپيشل ٽرينون هلايون وينديون، 17 بوگين تي ٻڌل پهرين عيد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان پشاور ويندي.
اڪانامي ڪلاس تي ٻڌل پهرين عيد اسپيشل ٽرين 7 اپريل تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان پشاور لاءِ شام جو رواني ٿيندي، جڏهن ته 18 بوگين تي ٻڌل ٻي عيد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان لاهور ويندي، ان ٽرين ۾ 2 بزنس ڪلاس ۽ 2 لوئر اي سي ڪلاس هونديون.
ٻه اسپيشل ٽرينون لاهور ۽ ڪوئيٽا مان به هلايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.