ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي 171 ٽريفڪ سگنلز مان رڳو 54 درست آهن.
آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته ٽريفڪ لائٽ سگنلز تي ڪئميرائون لڳائڻ ۽ پوليس اهلڪارن جي مقرري جا قدم کنيا وڃن.
هن چيو ته چالان جي مد ۾ حاصل رقم جو ڪجهه حصو انهن ڪئميرائن جي مرمت ۽ بحالي تي خرچ ڪيو وڃي.
آءِ جي سنڌ روڊن تي ٽريفڪ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جا ٽولا به فوري طور ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like