ٿلهن ماڻهن کي گرم پاڻي سان ڇو وهنجڻ گهرجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿلها ماڻهو اڪثر وزن گهٽائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪندا آهن ۽ دوائون به کائيندا آهن، ضرور صحتمند سرگرمين جا وزن گهٽائڻ جي لاءِ فائدا هوندا پر ماهرن هاڻي هڪ سولو طريقو به ٻڌايو آهي

ماهر چون ٿا ته هاڻي ٿلهن ماڻهن کي چرٻي ڳارڻ يا وزن گهٽائڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻ جي ضرورت ناهي

برطانوي طبي ماهرن جسم جي واڌو چرٻي ڳارڻ جو اهڙو طريقو ڄاڻيو آهي جنهن سان ڪا به محبت ڪرڻ کانسواءِ ٿلهائپ گهٽائي سگهجي ٿي

واڌو چرٻي کي گهٽائڻ لاءِ روزانو گرم ببل باٿ يعنيٰ گرم پاڻي جي ٽب ۾ پرسڪون ويهڻو پوندو ۽ پوءِ پاڻ ئي انهن کي فرق نظر ايندو

ماهرن اها ڳالهه سندن هڪ تحقيق جي بنياد تي چئي آهي، هن تحقيق ۾ سوين ٿلهن ماڻهو حصو ورتو هو ۽ تحقيق دوران ماڻهن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو

تحقيقي ٽيم هڪ گروپ کي روزانو سائڪل هلائڻ جو چيو جڏهن ته ٻين کي 40 ڊگري سينٽي گريڊ گرم پاڻي ۾ اڌ ڪلاڪ ويهاريو ويو

ماهر نتيجا ڄاڻي پاڻ به حيران ٿيا ڇو ته سائيڪل هلائيندڙ گروپ جي ميمبرن جون ڪيلوريز ڪجهه گهٽجي ويون پر ٽب ۾ ويهڻ وارن جون روزانو 140 ڪيلوريز استعمال ٿيون

ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته روزانو گرم پاڻي سان ونهنجڻ سان بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙين بيمارين کي به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان سان ننڊ به سٺي ايندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.