سلامتي ڪائونسل غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
غزا پٽي ۾ جنگبندي جي ٺهراءَ تي راءِ شماري لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءَ کي منظور ڪيو ويو.
فوري جنگبندي جو ٺهراءُ سلامتي ڪائونسل جي 10 ميمبر ملڪن پيش ڪيو.
ٺهراءُ پيش ڪندڙ ملڪن ۾ الجزائر، جاپان، ايڪواڊور، سوئٽزرلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، مالٽا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 14 ميمبرن ٺهرءَ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا غزا ۾ جنگبندي جي ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.