11 منٽن جو فارمولو زندگي ۾ هجي ته موت کي پوئتي ڪري سگهجي ٿو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه جيتريون بيماريون ٿي ويون آهن ٿورو وقت اڳ انهن بابت ڪنهن جو شايد ئي ڪو وهم گمان هوندو، ائين ڪڏهن به ناهي ته صحتمند ماڻهو معاشري يا سماج ۾ موجود ناهن پر پوءِ به اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي بيمار ماڻهن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن.

دوا هر مرض لاءِ تمام ضروري آهي ان ڳالهه کان ڪو به انڪار ناهي ته ڪنهن به مرض دوران دوا جي اهميت ناهي، پر پنڌ گهمڻ جا به تمام گهڻا فائدا آهن، رڳو پنڌ گهمڻ سان ئي ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. پنڌ گهمڻ گڏيل صحت کي برقرار رکڻ جو تمام بهترين ۽ سولي ۾ سولو طريقو آهي. اهو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ ڪنهن به ٻاهرين شيءِ جي به ضرورت ناهي پوندي ۽ اهو ڪهڙي به وقت ڪهڙي به حوالي سان ڪري سگهجي ٿو.

پنڌ هلڻ بابت به ڪجهه حقيقتون آهن، انسان جي صحت لاءِ پنڌ ڪرڻ ڪهڙي صورت ۾ فائديمند آهن، ان بابت اڄ اسان اوهان کي هن رپورٽ ۾ ٻڌائينداسين.

برطانيا جي هڪ اخبار گارڊين ۾ پنڌ هلڻ جي حوالي سان هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي رپورٽ ڇپي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ڏينهن ۾ رڳو يارهن منٽ تيز پنڌ ڪرڻ سان سڄي دنيا ۾ ڏهن مان هڪ بي وقتائتي موت کي ٽاري سگهجي ٿو.

ڪيمبرج يونيورسٽي جي ماهرن اهڙي ورزش مان نتيجو ڪڍيو آهي ته تيز گهمڻ، بُل ٽَپا ڏيڻ، سائيڪل هلائڻ، ٽينس کيڏڻ يا پنڌ سفر ڪرڻ وقت کان اڳ واري موت، دل جي بيمارين، مٿي جي سور، ڳچي جي ڪينسر، مائيلوڊ ليوڪيميا سميت ڪينسر جي ڪيترن ئي قسمن کي گهٽائي سگهي ٿو.

انگ اکر واري سڀ کان وڏي تجربي موجب عالمي سطح تي ڏهن مان هڪ وقت کان اڳ واري موت کان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ڏيڍ سئو منٽن واري سخت جسماني سرگرمي واري ڄاڻايل هدف کي پورو ڪري وٺي ته هر صورت ۾ وقت کان اڳ واري موت کان بچي سگهجي ٿو.

ڪيمبرج ۾ ميڊيڪل ريسرچ ڪونسل ايپيڊيمولوجي يونٽ جي ڊاڪٽر سورين پرگ چيو ته جيڪڏهن توهان کي هفتي ۾ ڏيڍ سئو منٽ پنڌ ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو ته اسان وٽ توهان لاءِ اها به هڪ سُٺي آهي ته اوهان في الحال هفتي ۾ پنجهتر منٽن تائين پنڌ ڪرڻ جي عادت کي اختيار ڪيو جيڪو پڻ توهان لاءِ تمام گهڻو فائدو آهي جنهن کي توهان ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ وڌائي هفتي ۾ ڏيڍ سئو منٽن تائين ڪري سگهو ٿا.

ماهرن جسماني سرگرمي جي سطح ۽ دل جي بيماري، ڪينسر ۽ وقت کان اڳ واري موت جي خطرن جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ان نتيجي تائين پهتا ته هر هفتي ۾ پنجهتر منٽ جي جسماني سرگرمي ڪرڻ سان وقت کان اڳ واري موت جي خطرن کي ٽيويهه سيڪڙو خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهو عمل دل جي بيمارني واري خطرن کي سترهن سيڪڙو ۽ ڪينسر جي خطرن کي ست سيڪڙو تائين گهٽائي سگهي ٿو.

ماهر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مطالعي ۾ شامل هر ماڻهو هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو پنجاهه منٽ واري سرگرمي ڪئي ته لڳ ڀڳ سورهن سيڪڙو تائين وقت کان اڳ واري موت کي روڪي سگهجي ٿو.

ان جي لاءِ ڪجهه عادتون مٽائڻيون پونديون.

ماهرن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته رڳو ڪجهه عادتون مٽائڻ جي ئي ضرورت آهي. ان لاءِ ماهر مشورو ڏين ٿا ته اسڪول، يونيورسٽي يا آفيس وڃڻ لاءِ توهان گاڏي جو استعمال ڪرڻ بدران پنڌ اچ وڃ ڪيو يا سائيڪل جو استعمال ڪيو. جڏهن ته وڏي عمر جا ماڻهو به پوٽڻ پوٽين سان راند روند ڪري سگهن ٿا.

ماهرن چيو ته خوشگوار سرگرمين کي هفتي وار پنهنجي زندگي ۾ آڻڻ ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجون جسماني سرگرميون وڌائڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.