گووندا شيو سينا جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي اداڪار گووندا ڀارت جي انتهاپسند پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جو خواهشمند آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڀارتي اداڪار گووندا هڪ ڀيرو وري اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پراميد نظر اچي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ڀارتي اداڪار امڪاني طور هندو انتهاپسند تنظيم شِيو سينا جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي سگهي ٿو.
گووندا بابت اِها دعويٰ ان وقت سامهون آئي جڏهن ته هن ڀارتي رياست مهارشٽرا جي وڏي وزير ايڪانٿ شندي سان ملاقات ڪئي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ملاقات دوران وڏي وزير طرفان کيس سينٽرل ممبئي واري تڪ تان اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گووندا ان کان اڳ 2009ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي اتر ممبئي واري تڪ تان چونڊ وڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
پر ڪانگريس گووندا کي بي جي جي اميدوار جي ڀيٽ ۾ ڪمزور سمجندي ٽڪيٽ جاري نه ڪئي هئي.
هتي اِها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته شيو سينا هڪ هندو انتها پسند جماعت آهي جيڪا مسلم مخالف ڪارروائين ۽ وڳوڙن ۾ ملوث رهي آهي.
بي جي پي سدائين اهڙن اميدوارن کي لوڪ سڀا جي اليڪشن لاءِ چونڊيدي آهي جيڪي مسلم مخالف ايجنڊا تي عمل ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.