ڪنڌڪوٽ: مڙس هٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل عورت جي پيءُ جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ لڳ مڙس هٿان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيل عورت جي پيءُ جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.
گذريل ڏينهن بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ڀيو ۾ علي بخش ڀيو مسمات روبينا ڀيو کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.
واقعي خلاف مقتولا جي پيءُ علي اصغر ڀيو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار جواري قسم جو ماڻهو آهي، ھو منهنجي نياڻي کان سون گھرندو ھو، انڪار ڪرڻ تي منهنجي نياڻي کي ڪوڙو ڪارنھن جو الزام ھڻي ڪھاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري لاش دريا ۾ اڇلائي ڇڏيائين، لاش اڃا تائين ناھي مليو.
هن چيو ته واقعي جو ڪيس بڊاڻي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، اعليٰ اختياريون جوابدار کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.