ثناءَ جاويد جي سالگرهه تي شعيب ملڪ جي پوسٽ، مداحن جي ڇتي تنقيد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ثناءَ جاويد جي سالگرهه تي سندس مڙس ۽ قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي پوسٽ وائرل ٿي وئي.
ثناءَ جاويد اڄ 25 هين مارچ تي پنهنجي 31 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
ان موقعي تي ادڪارا جي مڙس شعيب ملڪ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي زال سان گڏ ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون آهن.
شعيب ملڪ گهرواري کي سالگرهه جو گلدستو به ڏنو جيڪو تصوير ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته انهن تصويرن ۾ جوڙو خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيو آهي.
ثناءَ جاويد ۽ شعيب ملڪ جون جون نيون تصويرون سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن جتي ڪجهه واهپيدار اداڪارا کي سالگرهه جون واڌايون ڏيندي نظر آهي جڏهن ته اڪثريت طرفان جوڙي کي ٻي شادي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو .
ياد رهي ته ثناءَ جاويد ۽ شعيب ملڪ 20 جنوري تي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪيو هو .
ٻنهي اسٽارز جي هي ٻي شادي آهي، شعيب ملڪ پهرين شادي سال 2010ع ۾ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سان ڪئي هئي جڏهن ته ثناءَ جاويد پهرين شادي سال 2020ع ۾ گلوڪار عمير جيسوال سان ڪئي هئي.
ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جو هڪ پٽ اذهان مرزا ملڪ آهي جيڪو 2018ع ۾ ڄائو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.